پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، روڊن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون پيش اچڻ لڳيون آهن، واسا پاران راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو امڪان آهي.

اسلام آباد، راولپنڊي، صادق آباد سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ تيز برسات جي نتيجي ۾ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.

روڊن تي پاڻي جمع ٿي وڃڻ ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون.

برسات جي نتيجي ۾ بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪي پي جي شهر پشار، سوات ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به تيز ۽ هلڪي برسات جو وسڪارو پيو.

راولپنڊي ۾ به هن وقت تائين 202 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

واسا رين ايمرجنسي نافذ ڪري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ واسا جون ٽيمون پهچي بيٺل پاڻي کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*