سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي سندس وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي سندس وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران بلاول ڀٽو زرداري جو وڪيل پيش نه ٿيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جو چيئرمين آهي، هو ملڪ جي مختلف شهرن ۽ علائقن جا دورا ڪري پروگرام ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداري جي جان کي دهشتگردن خطرو آهي، ان ڪري کيس سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*