سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران روينيو بورڊ جي ميمبر کي سرويئر جنرل سان گڏجي رڪارڊ فوري طور مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران روينيو بورڊ جي ميمبر کي سرويئر جنرل سان گڏجي رڪارڊ فوري طور مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حددخليون هٽائڻ واري معاملي جي درخواست عمران خان ڏني هئي، هاڻ هو پاڻ ان معاملي کي ڏسندو، يقين ڏياريان ٿو ته هو ماڻهن جي لاءِ مثال بڻبو، عمران خان جي حڪومت اچڻ واري آهي ۽ هو ايندڙ وزيراعظم آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بني گالا ۾ حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سرويئر جنرل آف پاڪستان عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي اداري جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه آهي، عدالتي حڪم کي سنجيدگي سان ڇو نه ورتو ويو.

جنهن تي سرويئر جنرل موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه علائقن ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيو آهن، 4.5 ڪلو ميٽر حد بندي ڪري ڇڏي آهي.

روينيو بورد جي ميمبر چيو ته 7 علائقا اهڙا آهن، جن جي سروي اڃا ٿيڻي آهي، جنهن ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 7 بدران 22 علائقا به هجن ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ عدالتن ۾ ڪاغذ ڏسڻ يا چانهه  پيئڻ نه ايندا آهيون، سرويئر جنرل سان گڏجي شام تائين رڪارد مڪمل ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته روينيو بورڊ وٽ ردو بدل جو ڪو به جواز نه آهي، عمران خان به جيڪو رڪارڊ ڏيڻ چاهي ٿو ڏئي ڇڏي، جيڪڏهن ڪجهه رهتون رهيل آهن ته عمران خان ادا ڪري ڇڏي.

جنهن تي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته جي بلڪل وزيراعظم ماڻهن جي لاءِ هڪ مثال بڻبو، چيف جسٽس چيو ته عمران خان بني گلا جا مسئلا ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن چاهي ته هو مسئلا حل ڪري سگهي ٿو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*