لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ساجد محمود اين اي 108  تي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ جسٽس مامون رشيد کي اماڻي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ساجد محمود اين اي 108  تي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ جسٽس مامون رشيد کي اماڻي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  ويو آهي ته مخالف اميدوار کي کٽائڻ لاءِ جعلي فارم 45 ٺاهيو ويو ۽ پولنگ ايجنٽس کي ڳڻپ وقت ٻاهر ڪڍيو ويو. عدالت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ  ن اڳواڻ عابد شير علي جي  اين اي 108 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هو اين اي 108 تان چونڊ وڙهيو  ۽ فرخ حبيب کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.

درخواست ۾ چيو ويو ته مخالف اميدوار کي کٽائڻ لاءِ جعلي فارم 45 ٺاهيو ويو ۽ پولنگ ايجنٽس کي ڳڻپ وقت ٻاهر ڪڍيو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالت تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ فيصلي تائين فرخ حبيب جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کي روڪڻ جو حڪم ڏئي.

جسٽس ساجد محمود اين اي 108  تي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ جسٽس مامون رشيد کي اماڻي ڇڏي

واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد ڪريم عابد شير علي جي درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي نوٽيسز جاري ڪيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪيو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*