مورو ۾ عورت جو ٻوري بند لاش بند پيل گهر مان هٿ ڪيو ويو آهي

مورو ۾ عورت جو ٻوري بند لاش بند پيل گهر مان هٿ ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم ۾ ڊاڪٽرن چيو آهي ته عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.

 پراڻي زرعي بئنڪ ڪالوني ۾ خالي پيل گهر مان ڌپ ڦهلجڻ تي پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن تي پوليس گهر ۾داخل ٿي عورت جو ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪري ورتو.

پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت جي سڃاڻپ ملڪ ڪالوني جي رهواسڻ ميوي باگڙياڻي طور ڪئي وئي.

 اسپتال ۾ عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو آهي ته عورت کي رسن سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا به نشان آهن.

مورو پوليس موجب عورت جا هٿ ۽ پير رسن سان ٻڌل هئا،لاش هڪ ڏينهن پراڻو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورت گهرن ۾وڃي ڪپڙو وڪرو ڪري گذر بسر ڪندي هئي.

  مقتولا عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪپڙو وڪرو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي هئي، کيس ڏيتي ليتي جي معاملي تان  قتل ڪيو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*