ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ضمني ريفرنس ۾ عدالت فريادي ڌر جي وڌيڪ ٽن شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ضمني ريفرنس ۾ عدالت فريادي ڌر جي وڌيڪ ٽن شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي  وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شاهد فيصل شهزاد پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو.

وڪيل قاضي مصباح  شاهد کان سوال ڪيو ته ڏنل ٽرانزيڪشن جا تفصيل ڇا توهان پاڻ تيار ڪيا آهن. جنهن تي فريادي ڌر جي شاهد فيصل شهزاد ٻڌايو ته ٽرانزيڪشن جا تفصيل پاڻ تيار نه ڪيا آهن.

احتساب عدالت فريادي ڌر جي وڌيڪ ٽن شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*