سپريم ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، سيد جلال محمود شاهه جي وڪيل استدعا ڪندي چيو آهي ته مراد علي شاهه  نااهل ٿي چڪو آهي، هو چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي،  چيف جسٽس چيو ته ٻٽي شهريت تي عدالت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، اسان کي چونڊ درخواستن تي عدالت پاران ڏنل حڪمن تي خدشو آهي،

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سيد مراد علي شاهه جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان هتي ڇو آيا آهيو، ان لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهي، اوهان کي اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته ٻٽي شهريت تي عدالت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، اسان کي چونڊ درخواستن تي عدالت پاران ڏنل حڪمن تي به خدشو آهي،

سپريم ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*