بلوچستان هاءِ ڪورٽ هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نئين چونڊيل اميداور احمد علي ڪهزاد جي ٻٽي شهريت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

بلوچستان هاءِ ڪورٽ هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نئين چونڊيل اميداور احمد علي ڪهزاد جي ٻٽي شهريت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عبدالله بلوچ تي ٻڌل بئنچ نئين چونڊيل اسيمبلي جي ميمبر احمد علي ڪهزاد جي ٻٽي شهريت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

گذريل ڏينهن عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي احمد علي ڪهزاد طرفان داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته احمد علي ڪهزاد جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي. جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ وارو معاملو گهرو سيڪريٽري وٽ آهي.

واضح رهي ته احمد  علي ڪهزاد  سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ  خلاف درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*