انگلينڊ جي ٽيم يورو فٽبال ٽورنامنٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد

انگلينڊ جي ٽيم يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ ۾ سلووانيا جي ٽيم خلاف رٿيل ڪواليفائنگ رائونڊز واري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي سلسلي ۾ انگلينڊ۽ سلووانيا جي ٽيمن وچ ۾ڪواليفائنگ رائونڊ ميچ رٿيل آهي.

اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ  انگلش ٽيم جا سمورا رانديگر ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ مصروف آهن.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد فٽبال جي پريڪٽس ڪئي.

ميگا ايونٽ جي اهم ميچ کان علاوه انگلينڊ جي ٽيم اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم خلاف دوستاڻا ميچ پڻ کيڏندي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*