اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ جاويد نسيم جي نا اهلي لاءِ داخل ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ  خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر جاويد نسيم جي نااهلي لاءِ داخل ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته رڳو الزامن جي بنيادن تي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان، جاويد نسيم جي نااهلي خلاف داخل ريفرنس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

اليڪشن ڪميشن جاويد نسيم جي نااهلي لاءِ ريفرنس خارج ڪندي چيو ته رڳو الزامن جي بنيادن تي ڪنهن کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي، پي ٽي آءِ ايم پي اي خلاف جوڳا ثبوت پيش نه ڪيا.

واضح رهي ته پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جاويد نسيم جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن ريفرنس موڪليو هو.

ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جاويد نسيم مسلسل پارٽي پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، کيس نااهل قرار ڏئي ايم پي اي جي ميمبرشپ معطل ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*