ايم ڪيو  ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پ پ جي دور ۾ سنڌ جي شهري آبادي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي

ايم ڪيو  ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پ پ جي دور ۾ سنڌ جي شهري آبادي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڪنور نويد  چيو ته سي سي ٽي وي ڪئمرائن بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن تجويزن تي عمل نه ڪيو ته عدالت وينداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صاف شفاف چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان اليڪشن ڪميشن آفيس وياسين پر نه ٻڌو ويو.

ڪنور نويد  چيو ته سي سي ٽي وي ڪئمرائن بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن تجويزن تي عمل نه ڪيو ته عدالت وينداسين.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي بيلٽ پيپرز بابت تفصيل ڏيڻ گهرجي، چونڊن ۾ بيلٽ پيپرز جو غلط استعمال ڪيو  ويو آهي.

ڪنور نويد چيو ته اليڪشن کانپوءِ پولنگ ايجنٽس کي ٻاهر ڪڍيو ويو، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي شام 6 وڳي کانپوءِ ڇا ٿيو آهي؟ .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*