نون ليگ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اڄ چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسز آڏو احتجاج ڪري رهي آهي

نون ليگ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اڄ چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسز آڏو احتجاج ڪري رهي آهي، شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد واري احتجاج ۾ هم خيال پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، عوامي راءِ تي ڌاڙي خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.

مسلم ليگ ن چونڊن دوران ٿيل مبينا ڌانڌلي خلاف چئني صوبن ۽ اسلام آباد جي اليڪشن ڪميشن جي آفيسز آڏو احتجاج ڪري رهي آهي،

مسلم ليگ ن نون چونڊيل ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي احتجاجي مظاهرن ۾ ڀرپور نموني شرڪت  ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي.

شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد واري احتجاج ۾ هم خيال پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، عوامي راءِ تي ڌاڙي خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن مريم اورنگزيب احتجاج جو اعلان ڪندي هو ته  چونڊن دوران ڌانڌلي ڪري عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو آهي، هو صرف پنهنجو احتجاج رڪارڊ  ڪرائي رهيا آهيون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*