ڪراچي ۾ نجي ڪمپني مان برطرفي بعد ساٿي ملازمن کي هٿيار جي زور تي يرغمال بڻائيندڙ جوابدار تي گڊاپ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن

ڪراچي ۾ نجي ڪمپني مان برطرفي بعد ساٿي ملازمن کي هٿيار جي زور تي يرغمال بڻائيندڙ جوابدار تي گڊاپ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جوابدار سليم شهزاد پسٽل جي زور تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ساٿي ملازمن کي يرغمال بڻائي رکيو هو.

ڪراچي ۾ نجي ڪمپني مان برطرفي بعد ساٿي ملازمن کي هٿيار جي زور تي يرغمال بڻائيندڙ جوابدار پوليس ۽ رينجرز آڏو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي،

جوابدار سليم تي گڊاپ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

پوليس موجب، جوابدار سليم شهزاد خلاف گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ قتل جي ارادي، اغوا ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب، جوابدار سليم خلاف هڪ ڪيس فيڪٽري جي مئنيجر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾  سرڪاري فرياد تي غيرقانوني هٿيار رکڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته جوابدار سليم شهزاد پسٽل جي زور تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ساٿي ملازمن کي يرغمال بڻائي رکيو، مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ سمورن ملازمن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي،

ايس ايس پي ملير منير شيخ جو چوڻ هو ته جوابدار جو ذهني توازن درست نه آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*