بلوچستان ۾ 8 آگسٽ 2016 تي 57 وڪيلن سميت 80 ڄڻن جي مارجڻ واري سانحي کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن

بلوچستان ۾ 8 آگسٽ 2016 تي 57 وڪيلن سميت 80 ڄڻن جي مارجڻ واري سانحي کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن،

سنڌ بار، بلوچستان بار سميت وڪيل تنظيمن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

مختلف عدالتن ۾ ڪارا جهنڊا ڦڙڪيا ويا آهن، جڏهن ته  بائيڪاٽ سبب وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا آهن.

سنڌ بار جي اسپيل تي سنڌ ۾ به ڪوئيٽا سانحي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي وڪيل برادري پاران سوڳ ملهايو پيو وڃي،

سيڪريٽري جنرل اشفاق گلال چيو آهي ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان اڄ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. شهيدن ٿيلن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي ويندي.

سنڌ بار ڪائونسل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن سميت اسپيشل ڪورٽس جا وڪيل اڄ پيش نه ٿيندا

سنڌ بار ڪائونسل موجب، 8 آگسٽ 2016 تي ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ وڪيل ۽ شهري شهيد ٿي ويا هئا.

سنڌ بار ڪائونسل مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*