سپريم ڪورٽ، نندي پور منصوبي بابت ڪيس ٻيهر کوليندي وفاق

سپريم ڪورٽ، نندي پور منصوبي بابت ڪيس ٻيهر کوليندي وفاق، پيپڪو ۽ واپڊا سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  خواجه آصف جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته کيس معاملي کان ڌار ڪيو ويو هو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته خواجه صاحب!، اوهان چائنيز ڪمپني کي ٺيڪو ڏئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نندي پور منصوبي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران خواجه آصف پيش ٿي جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کيس عوامي مفادن خاطر ڪيس کان ڌار ڪيو ويو هو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خواجه صاحب! اوهان کي ڪيس کان ڪنهن ڌار ڪيو هو، گهٽ ۾ گهٽ معاملي جي جاچ ته ڪرائي سگهجي پئي.

خواجه آصف چيو ته هن رحمت علي جعفري جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي هئي، جنهن ذميوارن جو تعين به ڪيو هو، جڏهن ڪميشن منصوبو مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالت خواجه آصف کان پڇاڻو ڪيو ته، 2011 ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، ست ورهيه وهامڻ کانپوءِ وري معاملو ٻيهر کولڻ واري درخواست جو ڪهڙو مقصد آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خواجه آصف صاحب، منصوبو چائينز ڪمپني کي ڏئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن تي خواجه آصف چيو ته منصوبو ٺيڪي تي نه پر اونر پارٽنر شپ حڪومت ڪئي آهي.

عدالت وفاق، پيپڪو ۽ واپڊا سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*