لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جي سربراهه شريف ڪٽنب جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جي سربراهه شريف ڪٽنب جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي احتساب عدالت  جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ جسٽس شمس محمود مرزا جي سربراهي ۾  3 رڪني بينچ جوڙي هئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ کي اڄ شريف ڪٽنب جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، پر بينچ جي سربراهه جسٽس شمس محمود مرزا ٻڌڻي کان انڪار ڪيو.

جسٽس شمس محمود مرزا معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ فل بينچ پاڻمرادو ئي ٽٽي وئي آهي.

واضح رهي ته شريف ڪٽنب جي سزا خلاف لائر فورم درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 18هين ترميم کانپوءِ نيب جو قانون ختم ٿي چڪو آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته ختم ٿيل قانون تحت نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي سزا آئين جي ابتڙ آهي، تنهنڪري احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڏوهي قرار ڏيندي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار اڊيالا جيل ۾ قيد آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*