ڊي جي رينجرز سنڌ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرز کي پگهارون نه ملڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي ڇڏيو

ڊي جي رينجرز سنڌ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرز کي پگهارون نه ملڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، خط جي متن ۾ چيو ويوآهي ته ٻڌايو وڃي ته پراسيڪيوٽرز کي پگهارون ڇو نه پيون ڏنيون وڃن، پگهارن جي ادائيگي نه ملڻ سبب هاءِ پروفائل ڪيسن جي ڪارروائي متاثر ٿي سگهي ٿي،

ڊي جي رينجرز سنڌ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرز کي پگهارون نه ملڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويوآهي ته ٻڌايو وڃي ته پراسيڪيوٽرز کي پگهارون ڇو نه پيوڏنيون وڃن؟

خط جي متن موجب، پگهارن جي ادائيگي نه ملڻ سبب هاءِ پروفائل ڪيسن جي ڪارروائي متاثر ٿي سگهي ٿي،

ٻئي طرف چيف سيڪريٽري ڊي جي رينجرز سنڌ کانپوءِ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان به وضاحت طلب ڪري ورتي.

چيف سيڪريٽري سنڌ جي ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي ڪيس ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرز کي مقرر کان روڪيو هو.

ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو رينجرز پراسيڪيوٽرز تي لاڳو نه ٿو ٿئي.

ذريعن موجب، سنڌ حڪومت طرفان ٽن مهينن کان رينجرز جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوشن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*