نگران حڪومت، عام چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشنز جاري ٿيڻ کانپوءِ قومي اسميبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ صدر ڏانهن سمري اُماڻي ڇڏي

نگران حڪومت، عام چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشنز جاري ٿيڻ کانپوءِ قومي اسميبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ صدر ڏانهن سمري اُماڻي ڇڏي، سُڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو آهي ته، قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 کان 14 آگسٽ تائين طلب ڪرڻ لاءِ سمري موڪلي وئي آهي، آر ٽي ايس ۾ خرابي واري معاملي جي جاچ بعد اصل ڪارڻ سامهون اچي ويندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سُـــــــڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير بيرسٽر علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊن ۾ ڪامياب ميمبرز جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي.

هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري صدر ممنون حسين ڏانهن اماڻي وئي آهي.

علي ظفر چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ لاءِ سمري اماڻي آهي، 15 آگسٽ تائين دير نٿي ڪري سگهجي.

علي ظفر چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، جنهن کانپوءِ وزير اعظم جي حلف برداري تقريب ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ علي ظفر چيو ته آر ٽي ايس سسٽم جي ناڪامي بابت جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ بعد اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*