عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اپوزيشن اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ احتجاج جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اپوزيشن اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ احتجاج جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون، مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز  شريف پاران ڪارڪنن کي اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريڊ زون جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

نواز ليگ، پاڪستان پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ ٻين هم خيال  پارٽين جي سڏ تي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ صدر شهباز شريف ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هوڏانهن ريڊ زون ۾ احتجاج واري اعلان کانپوءِ انتظاميا سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، ريڊ زون ۾ رڳو پارلياماني اڳواڻ داخل ٿي سگهندا، ڪنهن به سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*