اسلام آباد پوليس ايف نائن پارڪ ۾ ناري سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد پوليس ايف نائن پارڪ ۾ ناري سان مبينا لڄالٽ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف نائن واري علائقي ۾ قائم پارڪ ۾ تفريح لاءِ آيل ناري کي سي ڊي اي عملدارن يرغمال بڻائي مبينا وحشت جو نشانو بڻايو.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ناري کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، جوابدارن مان 3 جي سڃاڻپ مراد، شيراز ڪياني ۽ عبدالله طور سڃاڻپ ٿي آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو ڏکيوئيندڙ آهي، تفريحي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*