لاهور ۾ پراڻي تڪرار تان 3 ڀائرن سميت 5 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

لاهور ۾ پراڻي تڪرار تان 3 ڀائرن سميت 5 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتولن جي وارثن جوابدارن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ پراڻي تڪرار تان  ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جَي نتيجي ۾ 3 ڀائرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، جن ۾ 3 سئوٽ به شامل هئا.

پوليس واقعي جو 9 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

هوڏانهن مقتولن جي وارثن تاءُ ۾ اچي جوابدارن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ رتو ڇاڻ کي روڪٿام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جلد نوجوانن جا قاتل گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*