اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن.

نيب حسن نواز ۽ حسين نواز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي نگران ڪابينا ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي.

ذريعن موجب، نيب پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ کي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو چيو ويو هو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب جي درخواست تي اڳوڻي وزير اعظم جي ٻنهي پٽن جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

حسن نواز ۽ حسين جا پاسپورٽ به بلاڪ ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ هو پاڪساني پاسپورٽ ذريعي ڪنهن به ملڪ جو سفر نٿا ڪري سگهن.

واضح رهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز داخل ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي سزا ٿي چڪي آهي، جڏهن ته نواز شريف جا ٻئي پٽ اشتهاري آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*