سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي سينيٽر راحيلا مگسي خلاف اينٽي ڪرپشن جي جاچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي سينيٽر راحيلا مگسي خلاف اينٽي ڪرپشن جي جاچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن جي عملدارن چيو آهي ته راحيلا مگسي خلاف ڪو به ثبوت نه مليو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي سينيٽر راحيلا مگسي خلاف اينٽي ڪرپشن جي جاچ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اينٽي ڪرپشن جي کاتي طرفان رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.

ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جي عملدارن چيو ته راحيلا مگسي خلاف جاچ ۾ بدعنواني سامهون نه آئي آهي.

اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ بعد عدالت راحيلا مگسي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

واضح رهي ته راحيلا مگسي خلاف ضلعي ۾ 74 ايڪڙ سرڪاري زرعي زمين پنهنجي پٽ ۽ ڌيءُ  جي نالي تي ڪرڻ جو الزام هو، جنهن جي جاچ ٿي رهي هئي.

درخواست ۾ چيو ويو هو ته پيپلزپارٽي جي چوڻ تي 2005 کان انتقامي ڪارروائي ڪندي  معاملي جي جاچ ڪئي وئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*