سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي عارضي بنيادن تي نادرا ذريعي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي عارضي بنيادن تي  نادرا ذريعي هٿيارن جا ڪمپيو ٽرائزڊ لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ نادرا ذريعي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، عبادتگاهن ۽ ٻين اهم عمارتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،ان ڪري نادرا ذريعي لائسنس جاري ڪرڻ اجازت ڏني وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي فيصلو اچڻ تائين  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي عارضي بنيادن تي  نادرا ذريعي هٿيارن جا ڪمپيو ٽرائزڊ لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ   حڪومت کي نادرا ذريعي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*