اسلام آباد جِي احتساب عدالت، العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

اسلام آباد جِي احتساب عدالت، العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جج محمد ارشد ملڪ پڇاڻو ڪيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ريفرنسز جي ڪارروائي ڪٿي پهتي آهي، نيب پراسڪيورٽر دليل ڏنا آهن ته واجد ضياءَ کانپوءِ هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ٿيڻو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٽو جي جج محمد ارشد ملڪ نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فيلگ شپ ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث ۽ نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيا، جن ريفرنسز تي دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت ٽو جي جج نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ريفرنسز جي جاچ ڪٿي پهتي آهي؟

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کانپوءِ هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ٿيڻو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ٻن ريفرنس ۾ 3 جوابدار آهن، نواز شريف خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، جڏهن ته سندس پٽن حسن ۽ حسين نواز کي احتساب عدالت پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرارڏئي چڪي آهي.

عدالت ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪندي نواز شريف کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پاناما جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کي به پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*