سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس بابت ايف آءِ اي جي عبوري چالان خلاف فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي  ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس بابت ايف آءِ اي جي عبوري چالان خلاف فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي  ڪري ڇڏي، فريال ٽالپر جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته ايف آءِ اي چالان کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ۽ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو جونيئر وڪيل پيش ٿيا.

فاروق ايڇ نائيڪ جي جونيئر وڪيل دليلن ۾ چيو ته ايف آءِ اي چالان کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

جونيئر وڪيل دليلن ۾ چيو ته فاروق ايڇ نائيڪ ئي ڪيس جي پيروي ڪندو، ڪيس اهم آهي، تنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت درخواست جي ٻڌڻي30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*