سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وڃڻ ڪري ماڻهن سک جو ساهه کنيو، اڪثر علائقن ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي.

ٺٽو شهر سميت مختلف علائقن ۽ ساحلي پٽيءَ ۾وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جنهن کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي.

غلام الله، گجو، ميرپور بٺورو، دڙو ۽ ٻنون سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن  ۾ هلڪي برسات دوران  بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاروبار متاثر رهيو.

هوڏانهن بدين، ٽنڊو باگو، تلهار، کوسڪي ۽ نندو، پنگريو ۽ شادي لارج سميت بدين ضلعي جي اڪثر علائقن ۾ ھلڪي برسات کان پوءِ گرميءَ جي شدت  ختم ٿي وئي جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل رهي.

ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڪلوئي، عمرڪوٽ، ڇور، شادي پلي، کپرو، کاهي، ڀٽ ڀائٽي، ڍليار، هٿونگو، شهدادپور، مقصودو رند ۽ ٻين علائقن ۾ ڦڙ ڦڙ جاري آهي……………

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*