سپريم ڪورٽ، نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن بابت ڪيس نيب کان التوا هيٺ ريفرنس جا تفصيل طلب ڪري ورتا

سپريم ڪورٽ، نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن بابت ڪيس نيب کان التوا هيٺ ريفرنس جا تفصيل طلب ڪري ورتا، چيف جسٽس ريمارڪس ۾  چيو آهي ته جاچ ۾ التوا جو ذميوار ڪير آهي، اڳوڻي نيب چيئرمين قمر الزمان جو پتو ڪيو وڃي، ڇو نه سندس خلاف ڪارروائي هلائي وڃي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر پيش ٿي ٻڌايو ته نندي پور منصوبي خلاف جاچ التوا جو شڪار آهي.

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪڏهن کان التوا جو شڪار آهي.

نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته 20 فيبروري 2017ع کان جاچ شروع ٿي چڪي هئي، قانون واري وزارت 2 سال معاملو اينگهايو، پر هاڻي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ذميوارن جو تعين ڪرڻو آهي، دير جو ذميوار ڪير آهي، نيب جي اڳوڻي چيئرمين قمر زمان جو پتو ڪيو، ڇا هو اسلام آباد ۾ آهي؟

جسٽس ثاقب نثار نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته نيب ايترا ڏينهن جاچ ۾ رڌل رهي ٿو، ڪيس المارين ۾ رکيا ويندا آهن، ڇا نيب کي کلي ڇوٽ آهي؟

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هاڻي ڪنهن به ڪيس ۾ جاچ آفيسر ڪوتاهي ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

عدالت نيب کان التوا هيٺ ريفرنسز جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*