پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پارلياماني ليڊر جي نالن جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيندو.

سنڌ مان چونڊيل ميمبرز کي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پارلياماني ليڊر جي نالن تي حتمي غور ويچار کانپوءِ نالا فائنل ڪيا ويندا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*