ڪلوئيءَ ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ چنگچي ۾سوار هڪ شاگرد فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

ڪلوئيءَ ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ چنگچي ۾سوار هڪ شاگرد فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

ٿر ڪول روڊ تي تيز رفتار ڪار چنگچيءَ مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾3 اسڪولي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي شاگردن مان هڪ ڄڻي 14 ورهين جي عقلدار نهڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾دم ڏنو.

پوليس ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري فوتي شاگرد جو مڙهه ضروري ڪارروائيءَ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

فوتي شاگرد هاءِ ونگس اسڪول جو شاگرد هو، جيڪو پنهنجي ڪلاس فيلوز سان گڏ اسڪول وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

هوڏانهن روڊ حادثي ۾ شاگرد جي فوت ٿيڻ تي اسڪول انتظاميا 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي 14 آگسٽ جي رٿيل تقريب ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*