سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي خلاف ڪرپشن ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي بابت درخواست تي ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪند

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي خلاف ڪرپشن ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي بابت درخواست تي ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ڪري ڇڏي آهي.

 عدالت ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران نثار مورائي جو وڪيل رشيد اي رضوي پيش ٿيو.

وڪيل رشيد اي رضوي دليلن ۾ چيو ته نثار مورائي جي طبيعت خراب آهي، سندس شگر ليول به وڌي ويو آهي، جناح ۽ آغا خان اسپتال جي رپورٽن بعد کيس اسپتال اسپتال منتقل ڪيو وڃي.

عدالت وڪيل کان پڇيو ته جوابدار هن وقت ڪٿي آهي، ڇا بيماري بابت درخواست ٽرائيل ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي آهي؟.

وڪيل رشيد اي رضوي دليلن ۾ چيو ته جوابدار نثار مورائي جيل ۾ آهي، ٽرائيل ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

عدالت ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*