ڪراچي  جي بئنڪنگ ڪورٽ  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار حسين لوائي ۽ طلحيٰ رضا جي ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي  جي بئنڪنگ ڪورٽ  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار حسين لوائي ۽ طلحيٰ رضا جي ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 عدالت ۾ درخواستن تي ٻڌڻي دوران  ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر علي ابڙو پيش ٿيو.

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته پراسيڪيوٽر جي طبيعت خراب آهي،  پيش نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پراسيڪيوٽر چاهي ته 16 آگسٽ تي پيش ٿي دليل مڪمل ڪري سگهي ٿو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جوابدارن جي ضمانت بابت درخواستن تي فيصلو 16 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو.

جوابدارن جي وڪيل جاچ آفيسر جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري استدعا جي مخالفت ڪئي.

جوابدار حسين لوائي ۽ طلحيٰ رضا تي ساڍا 7 ارب روپيا ڪرپشن جو الزام آهي، ڪيس ۾ فريال ٽالپر ضمانت تي آزاد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*