سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شگر ۾ ورتل پٽ اويس جمن سرڪار طرفان سار نه لهڻ ڪري ننڌڻڪائپ واري احساس ۾ ورتل آهي

 

سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شگر ۾ ورتل پٽ اويس جمن سرڪار طرفان سار نه لهڻ ڪري ننڌڻڪائپ واري احساس ۾ ورتل آهي، جاري ڪيل وڊيو ۾ اويس جمن جو چوڻ آهي ته شگر سبب سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهيان، 3 ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ باوجود سيڪريٽري ثقافت ملڻ جو وقت نه ڏنو.

اويس جمن چيو آهي ته مان شگر جي بيماري ۾ مبتلا  آهيان، سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

هن چيو ته سڀني فنڪارن جون ورسيون ملهائي سندن اولاد جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ٿو پر ثقافت کاتي اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

هن چيو  ته منهنجا 2 ڀائر پهرين به شگر بيماري سبب علاج نه ٿيڻ ڪري مري ويا آهن.

اويس جمن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته منهنجي بيماري جو نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*