جي يو آءِ ف ۽ اي اين پي پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو

جي يو آءِ ف ۽ اي اين پي پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

راشد محمود سومري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومري چيو ته 25 جولاءِ وارن چونڊن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هي نتيجا امپائر ۽ ڪپتان پاڻ ۾ ملي گڏجي ٺاهيا آهن، جن کي قبول نه ٿا ڪريون.

هن چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪيو هو، اڄ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر اليڪشن ڪميشن آفيسن اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته جستائين چونڊون رد ڪري ٻيهر صاف  ۽ شفاف چونڊون نه ڪرايون وينديون، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*