سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن کان سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن

سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن کان سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن.

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري بابر يعقوب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين بابت آگاهه ڪيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمنڊ پار رهندڙ پاڪستاني ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، خواهش هئي ته عام چونڊن ۾ کين ووٽ استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏجي، پر بدقسمتي سان ڪو سسٽم نه جُڙي سگهيو.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته 849 تڪن ۾ عام چونڊون ٿيون، 50 تڪن ۾ ننڍي چونڊ 15 کان 20 آڪٽوبر تي ٿيندي.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جيڪي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ تڪن تان چونڊ وڙهيا ۽ ڪاميابي کانپوءِ ڪجهه تڪ ڇڏي ڏنا، ڇا انهن کان ننڍي چونڊ جو خرچ وصول ڪري سگهجي ٿو؟

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن سفارشون پارليامينٽ کي اماڻيون هيون، جيڪي رد ڪيون ويون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي،اسان چئي سگهون ٿا.

جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته هڪ تڪ تي ڪيترو خرچ ايندو آهي، جنهن تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جواب ڏنو ته هڪ تڪ جي چونڊ ۾ 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ خرچ ايندو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا 885 تڪ آهن، جن تي 22 ارب جي لڳ ڀڳ خرچ ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ کان وڌيڪ تڪ تي چونڊ وڙهڻندڙن کي سوچڻ گهرجي، 20 ڪروڙ روپيا هڪ تڪ تي قومي ناڻي مان خرچ ٿي رهيو آهي، اهي پئسا بچائي ڊيم به ٺاهي سگهجن ٿا.

چيف جسٽس سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو ڪيو ته چونڊ نتيجن ۾ دير جا ڪهڙا سبب آهن، آر ٽي ايس سسٽم خراب ٿي ويو هو يا ڪي ٻيا ڪارڻ آهن؟

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته آر ٽي ايس سسٽم ناڪام نه پر سلو ٿي ويو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو نتيجا وقت سر جاري ٿين ها.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته 85 هزار پولنگ اسٽيشنز تان رزلٽ اپلوڊ ٿيڻا هئا،جنهن جي ڪري سسٽم سلو ٿي ويو، ساڍي يارنهن وڳي تائين سسٽم مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته 82 هزار ماڻهن کي چونڊن جي حوالي سان تربيت به ڏني وئي هئي.

بابر يعقوب چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪوشش آهي ته سمنڊ پار رهندڙ پاڪستاني ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن، ان حوالي سان تڪڙا قدم به کنيا پيا وڃن.

نادرا چيئرمين عدالت کي آگاهه ڪيو ته هر قومي تڪ تي سمنڊ پاڪستانين جا 28 هزار ووٽ رجسٽرڊ آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته چيو ويندو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان اليڪشن جي سيڪريريسِي نه رهندي، پوسٽل بيلٽ مان به 16 لک ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سمنڊ پار پاڪستانين کي ننڍي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ بابت هڪ هفتي جي مهلت جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ننڍي چونڊ ۾ سمند پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق برسات جي پهرين ڦڙي جيان آهي، هفتي اندر سفارشون پيش ڪيون وڃن.

عدالت اليڪشن ڪميشن کان سفارشون طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*