اليڪشن ڪميشن، ووٽ جي رازداري نه رکڻ واري معاملي تي عمران خان جو جواب رد ڪندي سڀاڻي کائنس حلفي بيان طلب ڪري ورتو آهي

اليڪشن ڪميشن، ووٽ جي رازداري نه رکڻ واري معاملي تي عمران خان جو جواب رد ڪندي سڀاڻي کائنس حلفي بيان طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ووٽ جي رازداري نه رکڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عمران خان جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته عمران خان کي ڪئمرا جي حوالي سان ڄاڻ نه هئي، تنهنڪري کيس معافي ڏني وڃي.

اليڪشن ڪميشن اعتراض واريو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي جواب تي عمران خان بدران سندس وڪيل بابر اعواڻ جي صحيح ٿيل آهي، تنهنڪري جواب قبول نٿو ڪري سگهجي.

اليڪشن ڪميشن سڀاڻي عمران خان کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*