اليڪشن ڪميشن، چونڊ مهم دوران گٿا لفظ استعمال ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان

اليڪشن ڪميشن، چونڊ مهم دوران گٿا لفظ استعمال ڪرڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، پرويز خٽڪ، اياز صادق ۽ مولانا فضل الرحمان جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بينچ سياسي اڳواڻن پاران گٿا لفظ استعمال ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عمران خان، پرويز خٽڪ، اياز صادق ۽ مولانا فضل الرحمان جا جواب وڪيل پيش ٿيا، جن لکت ۾ غير مشروط ورتي.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، خيبرپختونخواهه جي  اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ مولانا فضل الرحمان جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي.

اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ پرويز خٽڪ جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اليڪشن ڪميشن چئني سياسي اڳواڻن کي وارننگ ڏني ته اڳتي اهڙي قسم جي ٻولي جو استعمال ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو.

واضح رهي ته چونڊ مهم دوران سياسي اڳواڻن مخالفن خلاف تقريرن ۾ گٿا لفظ استعمال ڪيا هئا، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

اليڪشن ڪميشن  عمران خان، اياز صادق ۽ پرويز خٽڪ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پاڻمرادي نوٽيس جي فيصلي سان مشروط ڪيا هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*