نگران وزير اعظم قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪرڻ لاءِ سمري صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي

نگران وزير اعظم قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪرڻ لاءِ سمري صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته سندن ڪوشش آهي ته عمران خان جلد وزير اعظم جي عهدي جو حلف کڻي.

وزير اعظم هائوس موجب، نگران وزير اعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي گهرائڻ لاءِ سمري صدر ممنون حسين ڏانهن اماڻي آهي.

وزير اعظم هائوس موجب، صدر ممنون حسين پاران سمري جي منظوري جي صورت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس جي پهرين ڏينهن ڪامياب ميمبرز کي حلف کڻايو ويندو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق صدر کان 16 آگسٽ تي دورو ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪوشش آهي ته عمران خان جلد وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻِي پاڪستان لاءِ ذميواريون شروع ڪري…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*