ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي اڊيالا جيل ۾ قيد کي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڀوڳيندڙ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي اڊيالا جيل ۾ قيد کي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو، نواز ليگ جي صدر شهباز شريف سميت ٻين ليگي اڳواڻن سميت محمود خان اچڪزئي ملاقات ڪئي.

احتساب عدالت ايون فيلد ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڏوهي قرار ڏيندر سزا ٻڌائي هئي، جوابدارن جي اڊيالا جيل ۾ قيد کي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو آهي.

نو ليگ جي صدر شهبازشريف، حمزه شهباز، زاهد حامد، امير مقام‏ ۽ ٻين ليگي اڳواڻن اڊيالا جيل پهچي اڳوڻي وزير اعظم  نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب، نواز شريف ۽ شهباز شريف نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

هوڏانهن محمود خان اچڪزئي ۽ جاويد هاشمي به اڊيالا جيل پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*