سنڌو درياءَ ۾گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 57 هزار 777 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 24 هزار 36 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو

سنڌو درياءَ ۾گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 57 هزار 777 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 24 هزار 36 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 12 هزار 120 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 56 هزار 575 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 46 هزار 673 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 هزار 838 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آبپاشي عملدارن جو  چوڻ آهي ته بيگاري فيڊر ۾ 12 هزار 538 ڪيوسڪ، گهوٽڪي فيڊر ۾ 9 هزار 22 ڪيوسڪ ۽ روهڙي ڪئنال ۾ 12 هزار 200 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

عملدارن چيو ته رائيس ڪئنال ۾ 14 هزار 50 ڪيوسڪ، دادو ڪئنال ۾ 4 هزار 350 ڪيوسڪ ۽ نارا ڪئنال ۾ 14 هزار 50 ڪيوسڪ  وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*