ٻي مهاڀاري لڙائي ۾آمريڪا پاران جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ڪيرايل ايٽم  بم واري سانحي کي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مارجي ويلن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

  ٻي مهاڀاري لڙائي ۾آمريڪا پاران جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ڪيرايل ايٽم  بم واري سانحي کي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مارجي ويلن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

 1945ع ۾ پيش آيل المناڪ سانحي جي ورسي  تي ناگاساڪي ۾ مک تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گيوٽرس خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته جاپان جو وزيراعظم شنزو ابي ۽ اعليٰ عملدار به شريڪ ٿيا.

 تقريب ۾ 73 ورهيه پهريان پيش آيل سانحي ۾ مارجي ويل شهرين جي ياد ۾ خاموشي اختيار ڪندي يادگار تي گل چاڙهيا ويا.

 ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتوينو گيوٽرس چيو ته هو ايٽم بم سانحي ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ اڄ هتي گڏ ٿيا آهن ۽ تاريخ جي افسوسناڪ سانحي کي ياد ڪندي ڏاڍا ڏکارا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻا پوندا، جنهن لاءِ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 واضح رهي ته امريڪا طرفان ناگاساڪي تي ڪيل ايٽمي حملي جي نتيجي ۾ 60 کان 80 هزار انسان اک ڇنڀ ۾ مارجي ويا هئا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*