صدر ممنون حسين نئين وزيراعظم جي حلف برداري تقريب سبب پرڏيهي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

صدر ممنون حسين نئين وزيراعظم جي حلف برداري تقريب سبب پرڏيهي دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي سڏايو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين سان قانون واري نگران وفاقي وزير بيرسٽر علي ظفر ملاقات ڪئي، جنهن کيس پرڏيهي دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

صدر ممنون حسين نگران وفاقي وزير علي ظفر جي درخواست تي 16 کان 19 آگسٽ تائين رٿيل دورو ملتوي ڪيو.

ذريعن موجب، صدر ممنون حسين نئين وزير اعظم جي حلف برادري تائين پاڪستان ۾ ئي رهندو، جنهن کانپوءِ هو پرڏيهي دوري تي روانو ٿيندو.

ان کان اڳ صدر ممنون حسين قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪري چڪو آهي.

قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻائيندو، جنهن بعد نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ به ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*