لاهور هاءِ ڪورٽ، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کان سڪيورتي واپس نه وٺڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پنجاب

لاهور هاءِ ڪورٽ، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کان سڪيورتي واپس نه وٺڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز ليگ پنجاب  جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کان سڪيورٽي واپس واپس وٺڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

راڻا ثناءُ الله درخواستگذار  ۾ موقف اختيار ڪيو ته چونڊن کانپوءِ کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جڏهن ته لاڳاپيل فورمز کي درخواستون ڏيڻ باوجود سڪيورٽي واپس ورتي پئي وڃي.

عدالت پوليس کي سڪيورٽي واپس نه وٺڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي معاملي تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*