گهوٽڪي ۾صوبائي تڪ پي ايس 21 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل جاري آهي

گهوٽڪي ۾صوبائي تڪ پي ايس 21 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل جاري آهي، ايم ايم اي اميدوار ڄام سيف الله ڌاريجو جي درخواست تي ٿيندڙ ٻيهر ڳڻپ  جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پي ايس 21 تي پ پ اميدوار راجا خان مهر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.

ايم ايم اي جي هارايل اميدوار ڄام سيف الله ڌاريجو پي ايس 21 تي پ پ اميدوار راجا خان مهر جي ڪاميابي کي چئلينج ڪندي ووٽن جي  ٻيهر ڳڻپ لاءِ آر او  وٽ درخواست داخل ڪرائي هئي.

هوڏانهن  ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي موقعي تي ٻئي اميدوار، سندن وڪيل ۽ حامين جو وڏو تعداد آر او آفيس ۾ موجود آهي.

انتظاميا  آر او آفيس کان علاوه  ايندڙ ويندڙ رستن تي به  پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*