ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي16 آگھسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي احتساب عدالت 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي16 آگھسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم حسين پيش ٿيو.

عدالت ۾ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران شاهد شعيب سليم جي بيان تي جرح مڪمل ڪيو ويو.

عدالت ريفرنس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته پاڪستان اچڻ بعد ڪنهن به پارٽي اڳواڻ سان ناهيان مليو، سياست آئوٽ آف سورس ٿي چڪو آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مون کي خبر ناهي سنڌ جو وڏو وزير ڪير ٿيندو، ان بابت پارٽي قيادت فيصلو ڪندي.

هن چيو ته ملڪ ۾ تبديلي اچي وئي آهي، آصف زرداري ايف آءِا ي وٽ پيش ٿيندو يا نه، ان بابت مون کي ڄاڻ ناهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*