اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجَي بِسارِيا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري

اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجَي بِسارِيا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري کيس ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو واڌاين وارو پيغام پهچائيندو.

ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجَي بساريا بني گالا پهچي عمران خان سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جَي پِي سنگهه به ساڻس گڏ هوندو.

ملاقات دوران ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجَي بِسارِيا عمران خان کي چونڊن ۾ پارٽي جي ڪاميابي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو واڌاين وارو پيغام ڏيندو.

ان موقعي تي پاڪ ڀارت لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*