سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ڪراچي شهر جي مختلف علائقي ۾ ٽينڪرز ۽ ٽرڪن ذريعي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي

سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ڪراچي شهر جي مختلف علائقي ۾ ٽينڪرز ۽ ٽرڪن ذريعي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن.

شهر جي گروپ چورنگي، انڊسٽريل ايريا، اختر ڪالوني سميت ٻين علائقن جي رهواسين چيو ته پوليس ٽينڪرز ۽ وڏين گاڏين کي روڪڻ بدران خرچي وٺي کين ڇڏي رهي آهي.

هنن چيو ته روڊن تي 8 هزار گيلن وارا ٽرڪ هلڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.

رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي ٽينڪرز ۽ ٻين وڏين گاڏين کي روڪي رهواسين کي حادثن کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*