سپريم ڪورٽ، اين آءِ سي ايل اسڪينڊل  ۾ نيب کي اياز خان نيازي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، اين آءِ سي ايل اسڪينڊل  ۾ نيب کي اياز خان نيازي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو هو، اهو ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ جيڪو پاڪستان ۾ رهي ٿو، ان کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته اياز خان نيازي خلاف 2 معاملن تي جاچ جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ڇو جاچ دوران ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته جن کي گرفتار ڪرڻو هوندو آهي، نيب وارا انهن خلاف ڪارروائي ناهن ڪندا، کيس سڀني معاملن کي ڄاڻ آهي.

سپريم ڪورٽ نيب کي اياز خان نيازي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*