موري ۾پورهيت عورت ميوي باگڙي جي قتل ۽ پوليس خلاف مظاهرو ڪندڙن تي پوليس جي لٺبازي دوران خوف ۾ بيهوش ٿيل عورت فوت ٿي وئي

موري ۾پورهيت عورت ميوي باگڙي جي قتل ۽ پوليس خلاف مظاهرو ڪندڙن تي پوليس جي لٺبازي دوران خوف ۾ بيهوش ٿيل عورت فوت ٿي وئي، وارثن پاران عورت جو لاش دادو ۾ آڻي ڌرڻو هنيو ويو، جتي هنن الزام هنيو  ته  عورت جي قتل جي ذميوار مورو پوليس آهي، باگڙي برادري جي الزامن کي رد ڪندي ايس ايس پي نوشهروفيروز چيو آهي ته قاتلن کي بچائڻ لاءِ باگڙي برادري جي ڌُر جو احتجاج غير قانوني هو، مظاهري ۾ موجود ڏنڊا بردار ماڻهن پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو.

ٽي ڏينهن اڳ موري ويجهو قومي شاهراهه تي پورهيت عورت ميوي باگڙي جي قتل ۽ پوليس جي زيادتين خلاف باگڙي برادري جي ماڻهن طرفان هنيل ڌرڻي ۾ پوليس جي تشدد  دوران خوف ۾بيهوش ٿيل عورت  35 ورهين جي مزارو باگڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو.

فوتي عورت مزارو جو لاش سندس وارثن دادو جي باگڙي ڪالونيءَ ۾ آندو، جتي عورت جو لاش رکي پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي فوتي عورت مزارو جي ڀاءُ رامو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته، ميوي باگڙي جي قتل خلاف مورو ۾ هنيل ڌرڻي دوران پوليس مظاهرين تي تشدد ڪيو، جنهن دوران  خوف ۾مزارو بيهوش ٿي وئي، جنهن کي نواب شاهه اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ئي هوءَ فوت ٿي وئي.

مظاهرين چيو ته، موري ۾ مظاهري بعد پوليس اسان لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏي آهي، پوليس باگڙي برادري جي ماڻهن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، گهرن تي چڙهايون ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي، ناانصافي خلاف احتجاج ڪريون ٿا ته تشدد ڪري ماريو پيو وڃي، اعليٰ اختياريون اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪن.

ٻئي طرف ايس ايس پي نوشهروفيروز جو چوڻ آهي ته قاتلن کي بچائڻ لاءِ باگڙي برادري جي ڌُر جو احتجاج غير قانوني هو، مظاهري ۾ موجود ڏنڊا بردار ماڻهن پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو هو …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*