لاهور جِي احتساب عدالت، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه کي 10ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي

لاهور جِي احتساب عدالت، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه کي 10ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت جي جج آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جِي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب جوابدار  احد چيمه کي پيش ڪيو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته احد چيمه ڊي جي ايل ڊي اي طور اختيار اورانگهيندي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته احد چيمه کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته کائنس وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، تنهنڪري سندس جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت نيب جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي احد چيمه کي 10 ڏينهن لاءِ جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

عدالت نيب اختيارين کان جاچ ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*